سيد ميران محمد شاهه

سيد ميران محمد شاهه

سيد ميران محمد شاهه

سيد ميران محمد شاهه: نامور اديب، سياستدان سيد ميران محمد شاهه ولد سيد حاجي زين العابدين شاهه، 19 مارچ 1898ع تي ڳوٺ ٽکڙ، ضلعي حيدرآباد (هاڻي ٽنڊي محمد خان) ۾ جنم ورتو. سيد ميران محمد شاهه مٽياروي ساداتن مان هو، جن جو وڏو سيد مير علي 1398ع ۾ امير تيمور جو هم رڪاب ٿي هرات مان سنڌ ۾ آيو هو ۽ سندس اولاد پهرين پراڻن هالن ۾ اچي رهيو. شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح پڻ انهيءَ ساڳي خاندان مان آهن.
سيد ميران محمد شاهه جا وڏا ٻارهين صدي هجريءَ ڌاري مٽياريءَ مان لڏي اچي لاڙ ۾ رهيا، جيڪي پنهنجي وقت جا وڏا عالم، فاضل ۽ طبيب ٿي گذريا آهن. سندس ڏاڏي سيد ميران محمد شاهه (اول) جون تصنيفون ’سڌا تورو‘، ’ڪڌا تورو‘ ۽ ’مفيد الصبيان‘ نهايت مشهور آهن ۽ اڄ به برٽش ميوزيم ۽ ڪن ٻين لائبريرين ۾ محفوظ آهن. سندس والد سيد حاجي زين العابدين شاهه هڪ درويش صفت شخص ۽ طبيب هو. سيد ميران محمد شاهه جي ذهني تربيت ۾ پنهنجن بزرگن ۽ ان وقت جي ٽکڙ جي ادبي، علمي ۽ شاعراڻي ماحول جو وڏو حصو هو.
سيد ميران محمد شاهه ابتدائي تعليم ٽکڙ جي ملا مڪتب مان حاصل ڪئي. 1921ع ۾ مئٽرڪ، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان ڪيائين، ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي ۽ گورنمينٽ ڪاليج بمبئيءَ مان ايل. ايل. بي ڪيائين. 1924ع کان حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين. هن پهرين سنت منگهارام وڪيل جي فرم ۾ وڪالت ڪئي، جتي غير معمولي قابليت ڏيکاري پاڻ مڃرايائين. ان دوران سرڪاري نوڪريءَ لاءِ به ڪوشش ڪيائين، پر پوءِ وڪالت جي سلسلي ۾ لڏي اچي حيدرآباد ۾ رهيو، جتي سندس پونير اڃا تائين آباد آهن. سندس تعلق غريب، پر پڙهيل لکيل گهراڻي سان هو. پاڻ ننڍڙو هو ته پنهنجي عزيز حاجي اسدالله شاهه سان گڏجي خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتو هئائين. ان ماحول سبب ننڍي هوندي ئي هن جي سياسي ۽ اخلاقي تربيت ٿيندي آئي. 1924ع ۾ ئي سن ۾ مٽياري سيدن جي ڪانفرنس ۾ حصو ورتائين ۽ پوءِ جلد ئي سنڌ ايجوڪيشنل ڪانفرنس، حيدرآباد جو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو.
سيد ميران محمد شاهه، حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ساڳئي سال کيس ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ حيدرآباد جو چيئرمئن چونڊيو ويو. 1928ع ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو حيدرآباد ڊسٽرڪٽ مان ميمبر چونڊيو. ساڳيءَ طرح 1929ع ۾ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ مقرر ٿيو.
1928ع ۾ بمبئي ڪائونسل جي چونڊ وڙهيو ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مرزا سڪندر بيگ کي هارائي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو. سندس شمار ان وقت جي تعليم يافته ۽ هوشيار ميمبرن ۾ ٿيندو هو. سنڌ جي بمبئيءَ سان ڳنڍيل هئڻ واري زماني ۾ بمبئي سرڪار پاران سائمن ڪميشن جڙي، ان جي مددگار ڪميٽيءَ لاءِ کيس ميمبر مقرر ڪيو ويو. ان ڪميٽيءَ جي مکيه ذميوارين ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ لاءِ تجويزون ۽ رايا گڏ ڪرڻ هو. جڏهن سرڪاري رپورٽ تي سر شاهنواز ڀُٽي ميمبر جي حيثيت ۾ سنڌ کي بمبئيءَ سان ڳنڍي رکڻ لاءِ سفارش ڪئي ته سيد ميران محمد شاهه اختلافي نوٽ لکي، سنڌ کي بمبئيءَ کان آزادي ڏيارڻ تي زور ڏنو ۽ ڪوششون ورتيون. پاڻ سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري به ٿي رهيو ۽ اها ڪانفرنس حيدرآباد ۾ سڏائي، سنڌين کي پنهنجي حقن لاءِ سجاڳ ۽ متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. 1929ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي پريزيڊنٽ جي حيثيت سان ڀٽ شاهه تي پهرين ثقافتي ڪانفرنس سڏرايائين.
1936ع تـائيـن بمبئـي ڪـائـونـسـل جو ميمبر رهندو آيو ۽ نـيـٺ سيد ميران محمد شاهه، جي. ايم. سيد ۽ سندس رفيقن جي جدوجهد رنگ لاتو ۽ سنڌ کي اصلوڪي جداگانه حيثيت ۾ بحال ڪري، بمبئيءَ کان آزادي ڏني وئي. ان کانپوءِ شاهه صاحب هڪ سال لاءِ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر رهيو. 1937ع ۾ آزاد سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين چونڊ ۾ ميمبر چونڊيو ويو.
شروع ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري هو ۽ پوءِ ديوان ڀوڄراج سنگهه جي انتقال ڪري وڃڻ تي 1938ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊيو ۽ ڏهه سال انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. ڏهن سالن جي اسپيڪريءَ واري دور ۾ هن پنهنجي سياسي صلاحيتن جو ڀرپور اظهار ڪيو. اسپيڪريءَ واري دور ۾ اسيمبليءَ ۾ سيد ميران محمد شاهه جي ڏنل Rulings جو حوالو ڏئي، سڄي هندستان جون اسيمبليون انهن تي عمل ڪنديون هيون. اهي رولنگس هن وقت به سنڌ جي پارليامينٽري تاريخ جو بنياد آهن. 1939ع کان 1945ع تائين ٻي عالمي جنگ دوران وائسراءِ جي آل انڊيا ڊفينس ڪائونسل (Defense Council) جو ميمبر رهيو. 1946ع ۾ سڄي هندستان ۾ آزاديءَ لاءِ چونڊون ٿيون ۽ هيءُ ٻيهر سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. ان اسيمبليءَ ۾ ڪانگريس کي مسلم ليگ کان هڪ ووٽ وڌيڪ هو، جنهنڪري مسلم ليگ لاءِ ڌار رياست جي قرارداد پاس نه ٿيڻ جو وڌيڪ امڪان هو. ميران محمد شاهه اسپيڪريءَ تان استعيفا ڏني، جنهنڪري ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا ووٽ هڪ جيترا ٿيا ۽ ان وقت جي انگريز گورنر مسٽر موڊيءَ اسيمبلي ٽوڙي ۽ سنڌ ۾ ٻيهر چونڊون ٿيون، جنهن ۾ ميران محمد شاهه بنا مقابلي ٻيهر سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيو ۽ مسلم ليگ کي سنڌ ۾ واضح اڪثريت ملي، جنهن کانپوءِ ٻيهر اسپيڪر جي حيثيت سان جي. ايم. سيد سان گڏجي ’پاڪستان قرارداد‘ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيائين، جيڪا اڪثريت سان بحال ٿي. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد 1948ع ۾ سنڌ جي وزارت ٺهي ته گورنر جنرل قائداعظم محمد علي جناح کيس گهرائي اسپيڪريءَ تان استعيفا ڏياري سنڌ جو وزير مقرر ڪيو ۽ کيس ماليات ۽ مهاجرن کي آباد ڪرڻ وارو کاتو ڏنو. هن ان دوران حيدرآباد ۾ مهاجرن لاءِ هاڻوڪو لطيف آباد وارو هنڌ ’شاهه لطيف آباد‘ واري علائقي جي نالي سان آباد ڪرايو. 1952ع تائين ان کاتي جو وزير رهيو. 1952ع جي آخر ۾ اسپين ۾ هڪ سال لاءِ پاڪستان جو پهريون سفير مقرر ٿيو. 1954ع ۾ ڪراچي امپروومينٽ ٽرسٽ (هاڻوڪي K.D.A) جو پهريون چيئرمئن مقرر ٿيو، جنهن عهدي تي 1957ع تائين فائز رهيو. 1957ع ۾ ايگريڪلچر بئنڪ آف پاڪستان جو پهريون صدر مقرر ٿيو.
سياسي خدمتن کانسواءِ ميران محمد شاهه جون ادبي، ثقافتي خدمتون پڻ تاريخ جو روشن باب آهن. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ جو ميمبر ۽ فئڪلٽي آف آرٽس جو ڊين رهيو. 1940ع ۾ جڏهن سائين جي. ايم. سيد وزير تعليم هو ته سنڌ ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽيءَ تي سيد ميران محمد شاهه ميمبر جي حيثيت ۾ سنڌ گورنمينٽ کي هڪ رپورٽ تيار ڪري پيش ڪئي، جنهن جي بنياد تي مختلف مرحلن کانپوءِ ’سنڌ يونيورسٽي‘ وجود ۾ آئي، کيس ان جي سئنڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪيو ويو ۽ ڪيترائي سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي فئڪلٽي آف آرٽس جو ميمبر پڻ رهيو. 1938ع ۾ حيدرآباد ۾ قائم ڪيل ’سنڌي مسلم ادبي سوسائٽيءَ‘ جو منتظم ۽ صدر رهيو. هن سوسائٽيءَ ڪيترا مفيد سنڌي ڪتاب شايع ڪيا، ادبي محفلون ۽ مشاعرا منعقد ڪري سنڌي ادب ۽ شاعريءَ کي زور وٺرايو. 1941ع ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ قائم ڪيل ’سنڌي ساهتيءَ لاءِ صلاحڪار‘ (هاڻي سنڌي ادبي بورڊ) جو 1951ع تائين ڏهه سال چيئرمين ٿي رهيو. سندس اهم ثقافتي ڪارنامو ’شاهه لطيف يادگار ڪائونسل‘ آهي، جنهن جو پاڻ چيئرمئن هو. ان ڪائونسل جي اهتمام سان ڀٽ شاهه تي شاهه ڀٽائيءَ جي سالياني ورسي ملهائي ويندي هئي. اها روايت اڃا تائين هلندي پئي اچي، هر سال شاهه لطيف جي مزار جي دروازي وٽ ثقافتي ڪانفرنس سڏرائيندو هو. P.W.D جي وزير جي حيثيت سان 1950ع ۾ هاڻوڪي موٽر وري کان درگاهه تائين رستو ٺهرايائين.
سيد ميران محمد شاهه ڪيترو وقت شاهه لطيف ڪلچرل ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن به ٿي رهيو. ننڍي هوندي کان شعر چوندو هو. شاعريءَ ۾ تخلص ’مهجور‘ ۽ ’مير‘ استعمال ڪندو هو. ڪيترو ئي ڪلام چيائين. سندس هڪ شعري مجموعو ’ڪليات ميران‘ جي عنوان سان 1960ع ۾ ڇپيو، جيڪو هاڻي سنڌ ۾ ته اڻلڀ آهي، پر دنيا جي ڪن لائبريرين ۽ يونيورسٽين جي لائبريرين جهڙوڪ: آمريڪا جي لائبرري آف ڪانگريس، هارورڊ ۽ انگلنڊ جي برٽش ميوزم ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جهڙين لائبررين ۾ موجود آهي. نامور اديب غلام محمد گرامي ’ڪليات ميران‘ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”ميران محمد شاهه جو ڪلام فاعلاتاً فاعلات وارن کي نه آئڙي، پر ڪلام جي روح ۽ ان جي رنگينيءَ کي ڄاڻڻ لاءِ بهترين ۽ پر ڪيف ڪلام آهي. ان ۾ سادگي ۽ برجستگي آهي، ان ۾ پختگي ۽ بي ساختگي آهي. سونهن ۽ ورونهن به آهي، ڪيتريون ئي ڪافيون وجد انگيز ۽ ڪيترائي غزل معياري نظر آيا“.
سيد ميران محمد شاهه نه فقط هڪ قادرالڪلام شاعر هو، پر هڪ بلند پايي جو نثر نويس به هو. ڪيترائي مضمون لکيائين. سندس لکيل خطن کي سائين جي. ايم. سيد، ڪتابي صورت ۾ ’رهاڻ‘ عنوان سان ڇپايو آهي، جنهن جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته سندس ٻولي، سليس، برجستي ۽ پختي آهي. سندس ٻه مضمون ’گنجي ٽڪر جو سير‘ ۽ ’دل جي طلب‘ بمبئي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ڪاليجن توڙي هاءِ اسڪول جي درسي ڪتابن ۾ رکيا ويا ۽ اڃا تائين نصاب طور پڙهايا وڃن ٿا. جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل سندس خطن جي مجموعي ’رهاڻ‘ ۾ سندس گهري تجربي، مشاهدي، جمالياتي ذوق ۽ ڪيترن ئي نازڪ جذبن ۽ احساسن جو اظهار پڻ ملي ٿو. مختلف شاعرن جي ڪلام تي مشتمل مجموعو ’گلزار خيال‘ به تاليف ڪيائين.
تعليم سان به کيس گهري دلچسپي هئي. راڳ ۽ موسيقيءَ جو دلداروهو. سائين جي. ايم. سيد کيس شاهه لطيف ۽ روميءَ جو شارح ۽ پوئلڳ سڏيو آهي. شخصي دوستي توڙي زندهه دليءَ ۾ سندس همعصر عالم، اديب، سياستدان کانئس بيحد متاثر هئا. سائين جي. ايم. سيد سان سندس گهري دوستي ۽ لاڳاپا رهيا. ٻنهي شخصيتن جو سنڌ يونيورسٽي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي جوڙجڪ ۽ ترقيءَ ۾ وڏو ڪردار آهي.
سنڌ جي هن سياسي، علمي، ادبي شخصيت 16 نومبر 1963ع حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه ٽکڙ ۾ آهي. کيس قبول محمد شاهه نالي فرزند ٿيو، جنهن هن جي حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪئي. کيس ٻه نياڻيون ٿيون.


لفظ سيد ميران محمد شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1898.03.19  عيسوي

نامور اديب، سياستدان سيد ميران محمد شاهه ولد سيد حاجي زين العابدين شاهه، 19 مارچ 1898ع تي ڳوٺ ٽکڙ، ضلعي حيدرآباد (هاڻي ٽنڊي محمد خان) ۾ جنم ورتو.


1963.11.16  عيسوي

سيد ميران محمد شاهه 16 نومبر 1963ع حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه ٽکڙ ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دودو-II
آچر پاڪستاني
شيخ عبدالمجيد سنڌي
سيٺ ٺاڪرداس گولومل
رحيم خان کوسو
دائودپوٽو محمد مبارڪ خان عباسي ثاني
آفتاب شيرپائو
پنڊت ديودت شرما
زرداري سائينداد خان
پنهون فقير ٻرڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون